انٽرا پارٽي چونڊون: اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي 15 آگسٽ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف کي انٽرا پارٽي چونڊن جي معاملي تي 15 آگسٽ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي معاملي تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ 5 رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪئي. جنهن ۾ پي ٽي آءِ جو چيف اليڪشن ڪمشنر بيرسٽر گوهر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت گهري ورتو.

بيرسٽر گوهر ڪميشن کي ٻڌايو ته اڄ مون کي اهم ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي. اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏئي.

اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊن ۾ وڌيڪ وقت ڏيڻ جي استدعا منظور ڪندي پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن واري ڪيس جي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي انٽرا پارٽي چونڊن تي 15 آگسٽ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔