توشه خانه ڪيس: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان کي مليل سزا خلاف اپيل داخل

اسلام آباد: توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ملندڙ سزا خلاف اپيل داخل ڪئي وئي آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين کي توشه خانه ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل خواجه حارث ۽ بيرسٽر گوهر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي.

اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته توشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو قانون جي خلاف آهي. مرڪزي اپيل تي فيصلي تائين سزا معطل ڪري پي ٽي آءِ چيئرمين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ سزا کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔