انتظار ختم، ايشيا ڪپ 31 آگسٽ کان شروع، 4 ميچون پاڪستان ۽ 9 سريلنڪا ۾ ٿينديون، شيڊيول جاري

لاهور: ايشيا ڪپ 2023 جون ميچون ڪهڙي وقت شروع ٿينديون؟؟ شيڊول جاري ٿي ويو، ايشياڪپ جون ميچون 31 آگسٽ کان 17 سيپٽمبر تائين کيڏيون وينديون، جنهن ۾ پاڪستان سميت هندستان، سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ نيپال جون ٽيمون حصو وٺنديون

ايشيا ڪپ جون سموريون ميچون پاڪستاني وقت موجب منجهند جو اڍائي وڳي ٿينديون، جڏهن ته ميچن جو ٽاس منجهند جو ٻين وڳي ٿيندو. هي ٽورنامينٽ هائبرڊ ماڊل تحت کيڏي ويندي، جنهن ۾  ايونٽ جون 4 ميچون پاڪستان ۽ 9 سريلنڪا ۾ ٿينديون

قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ 31 آگسٽ تي نيپال خلاف کيڏندي، سپر فور پلي آف جون ميچون 6 کان 15 سيپٽمبر تائين ٿينديون. جڏهن ته ٽورنامينٽ جو فائنل 17 سيپٽمبر تي ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔