آءِ ايم ايف جي شرط: حڪومت عوام کان بجلي جي مد ۾ وڌيڪ 721 ارب روپيه وصول ڪرڻ جو پلان جوڙي ورتو

اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جي شرط تي  هلندڙ مالي سال بجلي صارفين کان 721 ارب روپيه اضافي وصول ڪيا ويندا.

سيپٽمبر  دوران ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ روپيو 25 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيندي جنهن سان 39 ارب روپيه ملندا. جڏهن ته سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ 4 روپيه 37 پئسا في يونٽ بجلي مهانگي ٿيندي ۽ ان جا 122 ارب روپيه وصول ڪيا ويندا.

ان کان علاوه سالياني ريبسنگ جي مد ۾ 5 روپيه 75 پئسا بجلي  مهانگي ڪرڻ سان 560 ارب روپيه وصول ٿيندا.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب اهي پئسا توانائي واري شعبي جي گردشي قرض ۾ گهٽتتائي آڻڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا. هلندڙ مالي سال جي اختتام تائين پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 2130 ارب روپين تائين محدود ڪيو ويندو. جون 2023 تائين پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 2700 ارب روپين جي لڳ ڀڳ ٿي چڪو هو.

ٻئي طرف ناڻي اري ۽ توانائي واري وزارت طرفان بجلي مهانگي ڪرڻ جو پلان آءِ ايم ايف سان به شيئر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔