توشا خانه فوجداري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٽرائل روڪڻ جي استدعا رد

توشا خانه فوجداري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٽرائل روڪڻ جي استدعا رد ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي واپس موڪلي ڇڏيو آهي

 پي ٽي آءِ چيئرمين هاءِ ڪورٽ طرفان ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف حڪم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، گذريل ڏينهن چيف جسٽس عمر عطا بنديال  پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ قائم ڪئي هئي

 جسٽس يحيٰ فريدي ۽ جسٽس مسرت هلالي  تي ٻڌل بئنچ  ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، پي ٽي آءِ چيئرمين به عدالت ۾ پيش، عدالت دليل ٻڌڻ بعد ٽرائل روڪڻ جي استدعا رد ڪري توشا خانه ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ موڪلي ڇڏيو

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ٻڌڻ جوڳو هئڻ وارو معاملو واپس ٽرائل ڪورٽ کي موڪيلو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔