افغانستان پاڙيسري ملڪ هئڻ جو حق ادا نه پيو ڪري: خواجا آصف

ڪراچي: آرمي چيف کانپوءِ دفاع واري وزير خواجا آصف به افغانستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن جو معاملو اٿاري ڇڏيو آهي

خواجا آصف جو چوڻ آهي ته افغانستان نه پاڙيسري ملڪ هئڻ جو حق ادا پيو ڪري ۽ نه وري دوحا معاهدي تي عملدرآمد لاءِ تيار آهي

پنهنجي ٽويٽ ۾ خواجا آصف چيو ته اهڙي عمل کي پاڪستان وڌيڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهي، اسان پنهنجن شهرين جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا

هن چيو ته پاڪستان ۾ 50 کان 60 لک افغانين کي سمورن حقن سان پناهه مليل آهي، ان جي ابتڙ پاڪستاني شهرين جو رت وهائيندڙ دهشتگردن کي افغان سرزمين تي پناهگاهون مليل آهن،  پاڪستان هاڻي خاموش نه ويهندو

خواجا آصف چيو ته پنهنجي سرزمين ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ افغان شهرين جي ملوث هئڻ تي ڳڻتي آهي، هاڻي اهڙا حملا برداشت نه ڪنداسين

گذريل ڏينهن آرمي چيف جنرل عاصم منير به افغانستان ۾ ٽي ايل پي جي محفوظ ٺڪاڻن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيوهو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔