مهانگائي جي ستايل شهرين لاءِ کنڊ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ

ڪراچي: مهانگائي جي ستايل شهرين جي لاءِ کنڊ ۽ اٽو وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي. لاهور، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ ۽ اٽي جون قيمتون رڪارڊ سطح تي پهچي ويون.

لاهور ۾ اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 50 روپيه مهانگو ٿي ويو. 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 2 هزار 900 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو.

فلورملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عاصم رضا چيو آهي ته اوپن مارڪيٽ  ۾ 40 ڪلو گرام ڪڻڪ جي قيمت 4 هزار 725 روپين جي ٿي وئي آهي. اٽي جي قيمت وڌڻ جو ذميوار  خوراڪ کاتو آهي. ڇو ته خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري 200 مڻ کان وڌيڪ ڪڻڪ جي اسٽوريج تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

ٻئي طرف خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري زمان وٽو چيو آهي ته لاهور ۾ اٽي جي قيمت وڌڻ جو ڪوبه جواز نه آهي. ڪجهه مفاد پرست ڄاڻي واڻي مارڪيٽ خراب ڪري رهيا آهن. هوڏانهن ڪراچي ۽  حيدرآٻاد ۾ اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون رڪارڊ سطح تي پهچي ويون آهن. هول سيل مارڪيٽ جوڙيا بازار ۾ اڄ ٻيهر کنڊ 3 روپيه في ڪلو مهانگي ٿي وئي. هول سيل ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 140 روپيه في ڪلو ٿي وئي آهي. جڏهن ته اٽي جي قيمتن ۾ به واڌ سبب شهري ۽ مزدور طبقو تمام گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ في ڪلو اٽو 170 کان 180 روپيه وڪرو ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔