ڀارت ۾ برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، سئو ماڻھو فوت، گھر ڊھي پٽ

ڪراچي: ڀارت جي اترين رياستن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن

ڀارتي ميڊيا موجب مون سون جي برساتن اتر رياستن کي سخت متاثر ڪيو آهي، جتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب يمنا ندي ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين پهچي وئي آهي

ڪالهه درياهه ۾ پاڻي جي سطح 205 ميٽر کان مٿي ٿي وئي، جيڪا درياهه جي خطرناڪ سطح آهي، جڏهن ته هريانا ۾ وڌيڪ پاڻي درياهه ۾ ڇڏيو ويو آهي، جيڪو اڱاري جي صبح 206 ميٽر کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو

ڀارتي اختيارين موجب درياهه جي اوچائي سطح 207.49 ميٽر آهي جڏهن ته درياهه ۾ وڌيڪ پاڻي داخل ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن سان خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي

ميڊيا رپورٽن موجب برساتن سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان هماچل پرديش، اتراڪنڊ ۽ دهلي ۾ ٿيو آهي، جتي سيلاب جو پاڻي گاڏيون وهائي ڪڍيو، پل ڊهي پٽ ٿي ويا ۽ روڊن ۾ کڏا پئجي ويا

ڀارتي ميڊيا موجب اختيارين ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي هيٺاهين وارن علائقن مان ماڻهن کي منتقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جن کي شهر جي مختلف علائقن ۾ قائم امدادي ڪيمپن ۾ رکيو ويندو

نئين دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نئين دهلي ۾ اهڙيون برساتون گذريل 40 سالن کان پوءِ ٿي رهيون آهن، آخري ڀيرو نئين دهلي ۾ 1982ع ۾ تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي هئي جيڪا 24 ڪلاڪن ۾ 169 ملي ميٽر هئي ان ڪري پاڻي جي نيڪال جو نظام. شهر کي اهڙي طرح نه ٺاهيو ويو آهي ته هو اهڙين برساتن کي منهن ڏئي سگهي.

ڀارتي ميڊيا موجب موسميات کاتي هماچل پرديش، ڄمون ۽ ڪشمير، اتراڪنڊ، هريانا، دهلي، اتر پرديش ۽ راجسٿان ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي

ڀارتي ميڊيا موجب اترين رياستن ۾ تيز برساتن سبب معمول جي زندگي سخت متاثر ٿي آهي، جتي آرمي نيشنل ڊزاسٽر ريسپانس فورس متاثر رياستن ۾ امدادي ڪارروايون ڪري رهي آهي

اتر رياستن ۾ ڪيترائي درياهه اوور فلو ٿي ويا آهن ۽ پاڻي شهر جي گهٽين ۾ ٻڏي ويو آهي، جڏهن ته برساتن سبب رهائشي عمارتون ٻڏي ويون آهن

اتراکھنڊ رياست ۾ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ڪيترائي روڊ ۽ هاءِ وي بند ٿي ويا آهن، جڏهن ته درياهه ۾ پاڻي جي سطح به خطرناڪ حد تائين وڌي رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔