دبئي ۾ سيٽ ايڊجسٽمنٽ يا چونڊن بابت ڪوبه فيصلو نه ٿيو آهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي خدشن تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دبئي ۾ ڪوبه اهڙو فيصلو نه ٿيو آهي جنهن تي خدشا هجن.

پنهنجي هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته سياستدان ملي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪندا آهن. دبئي ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ يا چونڊن بابت ڪوبه فيصلو نه ٿيو آهي. دبئي  ۾ ڪوبه اهڙو شيڊول اجلاس نه ٿيو هو. پاڪستان مسلم ليگ(ن) جو موقف چٽو آهي

گهرو وزير چيو ته چونڊون نگران سيٽ اپ تحت ٿيڻ گهرجن. چئني صوبن ۽ قومي اسيمبلي جون چونڊون هڪ ڏينهن ٿيڻ گهرجن. اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪري ٽوڙيون وينديون. 2 صوبن ۾ نگران سيٽ اپ  موجود آهي. باقي 2 صوبن  ۾ به نگران سيٽ اپ اچي ويندو.

راڻا ثناءُالله چيو ته نوازشريف واپس اچي چونڊ مهم جي اڳواڻي ڪندو. جيئين ئي چونڊون شروع ٿينديون ته نوازشريف به واپس اچي ويندو.

وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته 9 مئي جي ماسٽر مائنڊ خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي اسان سمجهون ٿا ته ماسٽر مائينڊ هڪ ئي ماڻهو آهي. اهو پي ٽي آءِ چيئرمين آهي. وزيراعظم جو موقف آهي ته جاچ ادارن کي ميرٽ تي جاچ ڪرڻ گهرجي. جاچ ۽ انويسٽيگيشن جو عمل جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔