شاهد خاقان سميت ٻين خلاف ايل اين جي ريفرنس جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻيهر ملتوي

اسلام آباد: اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سميت ٻين جي خلاف ايل اين جي ريفرنس جو محفوظ ٿيل فيصلو هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيو.

اڄ ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج محمد بشير ريمارڪس ۾ چيو ته فيصلو مڪمل طور تي ناهي لکجي سگهيو. ان جي لاءِ وڌيڪ وقت جي ضرورت آهي.

عدالت چيو ته ايل اين جي ريفرنس جو محفوظ ٿيل فيصلو 18 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو.  جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 18 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.

ياد رهي ته 28 جون تي احتساب عدالت اختيار بابت بابت فيصلو محفوظ ڪيو هو. نيب ايل اين جي ريفرنس اسپيشل سينٽرل جيل جي عدالت منتقل ڪرڻ جو بيان جمع ڪرايو هو.

نيب پراسيڪيوٽر چيو هو ته نيب ترميمي آرڊيننس کان پوءِ هي ڪيس هاڻ ايف آءِ اي جي اختيار ۾ اچي ٿو. ريفرنس اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد جي اختيار ۾ آهي.  

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔