عمران خان خلاف ڪيسز جي ٻڌڻي جوڊيشل ڪمپليڪس منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ڪيسز جي ٻڌڻي جوڊيشل ڪمپليڪس منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

عمران خان جي ڪيسز جي جوڊيشل ڪمپليڪس منتقلي جو نوٽيفڪيشن چيف ڪمشنر آفيس مان جاري ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف اڄ 9 ڪيسز جي ٻڌڻي جوڊيشل ڪمپليڪس جي اليون ۾ ٿيندي جنهن ۾ ترنول ۽ شهزاد ٽائون ٿاڻي ۾ داخل 2-2 ڪيسز جي ٻڌڻي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ٿيندي.

نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٿاڻي ڪراچي ڪمپني، ڪوهسار، رمنا ۽ سيڪريٽريٽ ۾ داخل هڪ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي به جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ٿيندي.

اسلام آباد جي مختلف عدالتن ۾ اڄ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 11 ڪيسز ٻڌڻي لاءِ مقرر آهن جنهن سلسلي ۾ عمران خان جوڊيشل ڪمپليڪس ۽ اسلام آباد هاءِڪورٽ ۾ اڄ پيش ٿيندو.

ان کان علاوه پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 3 ڪيسز دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ به مقرر آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔