مئي جي ڀيٽ ۾ جون ۾ مهانگائي جي شرح گهٽجي وئي

اسلام آباد: ملڪ ۾ مئي جي ڀيٽ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جون ۾ مهانگائي جي شرح 29.4 سيڪڙو تي رهي.
ڳڻپ کاتي مهانگائي بابت ماهوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ جون ۾ مهانگائي جي شرح 29.40 سيڪڙو رهي، جڏهن ته مئي ۾ مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو تي پهچي وئي هئي.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهري علائقي ۾ مهانگائي جي شرح 27.3 سيڪڙو، جڏهن ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ 32.4 سيڪڙو تي رهي، گذريل سال جون ۾ مهانگائي جي شرح 21.3 سيڪڙو تي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔