ڪراچي: کير جي قيمت ۾ هٿرادو واڌ ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي: ڪراچي ۾ کير جي قيمت ۾ هٿرادو واڌ تي انتظاميا اکيون پٽيندي کير کپائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو.
ڪراچي جي ڪمشنر سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي نگراني ۾ سرڪاري قيمت 180 رپيا في ڪلو کير جي وڪري تي عمل ڪرائين، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
ڪمشنر اقبال ميمڻ جو چوڻ آهي ته سمورا آفيسر فيلڊ ۾ رهي عوام جون شڪايتون ختم ڪن ۽ کير جا اگهه چيڪ ڪن، ڪارروائي جي رپورٽ موڪلين، جتي ڀڃڪڙي ٿئي، اتي پنهنجي نگراني ۾ سرڪاري قيمت تي کير وڪرو ڪرائين.
ياد رهي ته ڊيري مافيا کير جي قيمت ۾ 20 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ کير 220 کان 230 رپيا في ڪلو ملي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔