ڪاروباري هفتي جي پهرين ئي ڏينهن سون جي اگهن ۾ سوين رپيا واڌ

ڪراچي: گذريل هفتي لاڳيتو 6 ڏينهن گهٽتائي بعد نئين ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن سون جي قيمت ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 800 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 15 هزار 300 رُپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 685 رپيا واڌ بعد 1 لک 84 هزار 585 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 11 ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد في اونس سون 1931 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔