9 مئي سانحو: ليفٽيننٽ جنرل سميت 3 اعليٰ آفيسر فوج مان فارغ

راولپنڊي: ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز(آءِ ايس پي آر) جي ميجر احمد شريف چوڌري چيو آهي ته 9 مئي  سانحو پاڪستان خلاف تمام وڏي سازش هئي ماڻهن جي جذبات کي ڀڙڪائي فوج خلاف بغاوت لاءِ اڪسايو ويو.

جي ايڇ ڪيو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر احمد شريف چوڌري چيو ته اڄوڪي پريس ڪانفرنس جو مقصد 9 مئي سانحي کان آگاهه ڪرڻ آهي. 9 مئي جي واقعن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪو ڪم دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيا اهو ڪجهه شرپسندن ڪري ڏيکاريو

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 9 مئي سانحو پاڪستان خلاف وڏي سازش هئي 9 مئي جي سازش گذريل ڪيترن مهينن کان هلي رهي هئي. ان سازش لاءِ سوشل ميڊيا تي واويلا ڪئي وئي. ماڻهن جي جذبن کي اشتعال ڏياري فوج خلاف ڀڙڪايو ويو. ملڪ اندر ۽ پرڏيهه ۾ فساد پکيڙڻ جو بيانيو پکيڙيو ويو.

هن چيو ته پاڪ فوج عظيم شهيدن جي جنازن کي ڪلها ڏئي رهي آهي. روزاني جي بنياد تي دهشتگردن کي چٿيو پيو وڃي.. هڪ طرف فوج قربانيون ڏئي رهي آهي، ٻئي طرف سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.

ميجر احمد شريف چوڌري چيو ته جنهن اهڙي ايجنڊا جي منصوبه بندي ڪئي اهي ڪڏهن قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندا ويندا. شهيدن جا وارث آرمي چيف کان سوال ڪري رهيا آهن؟ شهيدن جا وارث آرمي جي سمورن رينڪن ۽ اسان کان سنگين سوال ڪري رهيا آهن؟ جيڪڏهن اهڙي طرح جي بي حرمتي ٿي ته ملڪ خاطر قرباني ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ڇا سندن پيارن قوم لاءِ جانون قربان نه ڪيون. شهيدن جا خاندان سوال ڪري رهيا آهن ته اسان جي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪندڙ شرپسند اڃان تائين قانون جي گرفت ۾ ڇو نه آيا آهن؟

هن چيو ته پاڪ فوج پنهنجي روايتن موجب خود احتسابي جي عمل کي مڪمل ڪيو. ڪيترن ئي گريزن ۾ پرتشدد ڪاررواين تي انڪوائري ڪئي وئي.  گريزن ۽ فوجي ٺڪاڻن جي سيڪيورٽي ۾ ناڪامي تي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. ليفٽيننٽ جنرل سميت 3 اعليٰ آفيسرن کي عهدي تان تان هٽايو ويو آهي. پاڪستان جي فوج مڪمل اتفاق سان فيصلا ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔