شهباز گل کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع، سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: مقامي عدالت ادارن خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪيس پيش نه ٿيڻ تي شهباز گل کي اشتهاري ڏيڻ جي ڪارروائي جي شروعات ڪندي سندس سڃاڻپ ڪارڊ کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان سان گڏ ئي شهباز گل جي سموري ملڪيت جا تفصيل پڻ طلب ڪي اويا آهن.

رپورٽ موجب ادارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ شهباز گل کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. عدالت اسلام آباد، فيصل آباد ۽ ايف ايٽ ڪچهري جي ٻاهرين اشتهار پڻ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عدالت شهباز گل خلاف اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي جي شروعات لاڳيتو پيش نه ٿيڻ سبب ڪيو ۽ اهو حڪم ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا طرفان جاري ڪيو ويو آهي.

عدالت چيو ته شهباز گل ڪنهن به پاڪستاني ايئرپورٽ تي لهي. ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي آگاهه ڪري. جنهن کان پوءِ عدالت اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي بابت 26 جولاءِ تي سمورن ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

عدالت ڊي سي اسلام آباد ۽ ڊي سي فيصل آباد کان شهباز گل جي ملڪيت جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن. عدالت ضمانت نه ٿيڻ جوڳن وارنٽ جي تعميل جي حوالي سان رپورٽ ڏيندڙ اي ايس آءِ جو بيان رڪارڊ ڪيو ۽ چيو ته ضمانت نه ٿيڻ جوڳن وارنٽ جي تعميل ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهباز گل آمريڪا هليو ويو آهي. ان تي عدالت نادرا کي شهباز گل جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔