ڪراچي: قرباني جو جانور ڏسڻ جي شوق ۾ نينگر حياتي وڃائي ويٺو

ڪراچي: ڪراچي ۾ قرباني جو جانور ڏسڻ جي شوق ۾ نينگر حياتي وڃائي ويٺو.

پوليس موجب نيو ڪراچي گوڌرا ڪئمپ ڀرسان 12 ورهين جو ابراهيم ڏاند ڏسي رهيو هو ته اوچتو ڏاند رسي ڇڏائي ڀڳو، ان دوران رسي ابراهيم جي پير ۾ ڦاسي پئي.

پوليس ٻڌايو ته ڏاند ٻار کي گهليندو پري کڻي ويو، واقعي جا فوٽيج به منظر تي آيا آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڏاند ٻار کي گهليندو ٿو وڃي.

ان موقعي تي علائقي واسين ڏاند کي پڪڙي ٻار کي ڇڏايو ۽ کيس استعمال منتقل ڪيو، ٻار کي سخت ڌڪ لڳا هئا ۽ هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔