ملڪ ۾ سون اڄ به سستو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ گهٽتائي سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 200 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 2 لک 18 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 172 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 87 هزار 328 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 5 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1929 ڊالر في اونس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔