وديا بالن جي نئين ڪرائيم ٿِرلر فلم جو ٽريلر جاري

ممبئي: بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا وديا بالن جي نئين ڪرائيم ٿرلر فلم ”نيت“ جو ٽريلر جار ي ڪيو ويو.
نئين ڪرائيم ٿرلر فلم ۾ اداڪارا مرڪزي ڪردار نڀائي رهي آهي ۽ هو هڪ جاسوس جي ڪردار ۾ قتل جي جاچ ڪندي نظر ايندي.
فلم جي ڪهاڻي هڪ ارب پتي شخص (رام ڪپور) جي قتل تي ٻڌل آهي جيڪو پنهنجي گھروارن سان گڏ هڪ پارٽي ۾ وڃي پنهنجي حياتي وڃائي ويهي ٿو.
ان موقعي تي وديا بالن، ميرا رائو جي نالي سان ڪهاڻي ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ پراسرار قتل جو معاملو حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جاچ شروع ڪري ٿي.
فلم ۾ وديا بالن سان گڏ راهل بوسي، پراجڪتا ڪولي، شبانا گواسوامي، آمريتا پوري، نيرج ڪابي، ديپانتا شرما، اشيڪا مهرا، نڪي ويليا ۽ ٻيا شامل آهن.
ان فلم کي 7 جولاءِ تي سينيما گھرن ۾ رليز ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔