سنڌ سرڪار پاران يونيورسٽيز ۾ هولي ملهائڻ تي پابندي بابت هيڪ جو حڪمنامو رد

ڪراچي:سنڌ سرڪار يونيورسٽيز ۾ هولي ملهائڻ تي پابندي لڳائڻ واري هيڪ جي حڪم نامي کي رد ڪري ڇڏيو

سنڌ جي وزيرن هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي هولي ملهائڻ تي پابندي واري حڪمنامي کي غير آئيني قرار ڏنو آهي

صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته هيڪ هولي تي پابندي لڳائي سنڌ جي رواداري واري ثقافت جي روح جي توهين ڪئي آهي

ڪراچي ۾ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي سردار شاهه چيو ته سنڌ ۾ رڳو هندو نه پر اسان مسلمان به هولي ملهائيندا آهيون، هيڪ جي پابنديءَ جي مذمت ڪيون ٿا، اهڙي پابندي ته آمرن جي دور ۾ به نه لڳي

صوبائي وزير اسماعيل راهو به پابنديءَ جي مخالفت ڪندي چيو ته آئين هولي ۽ ٻيا مذهبي ڏڻ ملهائڻ جي اجازت ڏئي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔