سنڌ اسيمبلي 22 کرب 44 ارب روپين جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ اسيمبلي نئين مال سال لاءِ 22 کرب 44 ارب روپين جي ماليت واري سنڌ بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اپوزيشن پاران بجيٽ ۾ ڪٽوتي واريون پيش ڪيل 155رٿون رد ڪيون ويون

وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ منظور ڪرڻ تي ميمبرز کي واڌايون ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن کانپوءِ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 25 ارب روپيا ڏئي رهي آهي

هن ٻڌايو ته، 6 ارب روپين جي لاڳت واري ڪي فور منصوبي لاءِ 3 ارب وفاقي سرڪار ۽ 3 ارب سنڌ سرڪار ڏيندي، ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جي عمارتن جي بحاليءَ لاءِ وفاقي سرڪار 2 ارب روپيا ڏيندي

مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ جي ترقياتي بجيٽ 335 ارب روپين جي ٿي وئي آهي، بجيٽ خسارو 22 ڏهائي 2 ارب روپيا هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔