پنجاب جي بجيٽ پيش: سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ جو اعلان

لاهور: پنجاب جي نگران حڪومت بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب جي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پينشن ۾ 5 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي جڏهن ته 80 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي پينشن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي  ويندي

عامر مير ٻڌايو ته بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي. صحت ۽ تعليم جي بجيٽ ۾ 31 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته صوبي جي ترقياتي خرچن لاءِ 325 ارب روپيه رکيا ويا.

عامر مير موجب نگران وڏي وزير فوري طور تي 600 ارب روپين جو قرض لاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 600 ارب روپين جو قرض ادا نه ڪيو ويو ته سال جي آخر تائين اهو قرض 1100 ارب ٿي ويندو. ان ڪري ايندڙ 4 مهينن ۾ اهو قرض لاٿو ويندو.

عامر مير ٻڌايو ته بجيٽ ۾ هڪ ارب روپين جو جرنلسٽ انڊوومنٽ فنڊ به قائم ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پنجاب جي نگران ڪابينه ايندڙ مالي سال جي پهرين 4 مهينن لاءِ بجيٽ  جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو ايڊهاڪ ريليف جي منظوري ڏني وئي آهي. جڏهن ته پينشن ۾ 5 سيڪڙو ۽ 90 سالن کان وڌيڪ عمر جي پينشنرز جي لاءِ 20 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.

ڪابينه پنجاب ۾ آءِ ٽي انڊسٽريز تان سمورا ٽيڪسز ۽ ڊيوٽيز معاف ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ان سان گڏ ئي عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ 70 ارب روپيه رکڻ جي منظوري ڏني وئي. نگران ڪابينه اسٽامپ ڊيوٽي جي شرح 3 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي تجويز  رد ڪري ڇڏي.

ڪابينه تعميراتي صنعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسٽامپ ڊيوٽي جي شرح هڪ سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. زراعت جي بجيٽ لاءِ 47 ارب 60 ڪروڙ رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. جڏهن ته نئين مالي سال جي پهرين 4 مهينن دوران 50 سيڪڙو جاري ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔