پنجاب ۽ بلوچستان صوبي جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي پئي وڃي

لاهور: پنجاب جي نگران حڪومت اڄ بجيٽ پيش ڪندي. بجيٽ جي منظوري لاءِ پنجاب جي نگران ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ نگران ڪابينه جو اجلاس ٻنپهرن جو 4 وڳي گهرايو ويو آهي. ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب ڪابينه جو اجلاس ٻنپهرن جو 4 وڳي جي او آر 8 ڪلب ۾ ٿيندو.

اجلاس ۾ ڪابينه ميمبر، چئن مهينن جي بجيٽ 2023 جو جائزو وٺندا ۽ چئن  مهينن جي خرچن ۽ ٻين معاملن جي منظوري ڏني ويندي. بجيٽ اجلاس کان پوءِ وڏو وزير محسن نقوي پاڻ يا اطلاعات بابت وزير عامر منير بجيٽ تي بريفنگ ڏيندا

پنجاب جي نگران حڪومت 1368 ارب روپين کان وڌيڪ جو گڏيل بجيٽ اڄ پيش ڪندي. بجيٽ ۾ چئن مهينن جي ترقياتي پروگرام لاءِ 325 ارب روپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي جيڪا اڳ کان جاري ترقياتي اسڪيمن تي خرچ ٿيندا. صحت ڪارڊ لاءِ 20 ارب روپيه، پرڏيهي فنڊنگ سان هلندڙ منصوبن لاءِ 27 ارب روپيه، زراعت لاءِ 20 ارب روپيه، صحت ۽ تعليم لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 100 ارب روپيه مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي.

صحت بابت 4 مهينن لاءِ 70 ارب، اسڪول ايجوڪيشن لاءِ 29 ارب هائر ايجوڪيشن لاءِ 10 ارب اسپيشل ايجوڪيشن لا ترقياتي منصوبن جي مد ۾ 1 ارب صاف پاڻي ۽ سيوريج جي نيڪالي بابت اسڪيمن لاءِ 7 ارب، ٽرانسپورٽ لاءِ 7 ارب ايمرجنسي سروسز لاءِ ڏيڍ ارب روپيه مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي.

ٻئي طرف بلوچستان جو ايندڙ مالي سال جو 700 کان وڌيڪ ارب روپين جو بجيٽ اڄ پيش ڪيو ويندو. بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو. ملازمن جي پگهارن ۾ به 30 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي.

بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ 200 ارب کان وڌيڪ جڏهن ته غير ترقياتي مد ۾ 500 ارب روپيه مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. بجيٽ ناڻي بابت صوبائي وزير زمرڪ خان اچڪزئي پيش ڪندو.

ذريعن موجب بجيٽ خسارو 150 ارب روپيه ٿيڻ جو امڪان آهي. بجيٽ ۾ تعليم، صحت، زراعت ۽ امن امان جي شعبن کي ترجيح ڏني ويندي. بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو. ايندڙ مالي سال جي لاءِ مختلف کاتن ۾ پنج هزار کان وڌيڪ نئين ڀرتين جي اعلان جو امڪان آهي.

تعليم جي لاءِ 90 ارب روپيه، صحت 60 ارب، امن امان 53، انڊومنٽ فنڊ جي لاءِ هڪ ارب روپيه ۽ صحت ڪارڊ جي لاءِ 5 اعشاريه 8 ارب روپيه رکڻ جو امڪان آهي. بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ وفاق جيان واڌ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔