مختلف علائقن ۾ برسات بابت اهم اڳڪٿي

اسلام آباد: موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب اسلام آباد ۾ اڄ ڏينهن جو موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي. پنجاب جي ڏاکڻي ضلعن ۾ اڄ موسم وڌيڪ گرم رهندو.

موسميات کاتي موجب لاهور، مري، گليات، پوٽهوهار، گوجرانوالا، سيالڪوٽ ۾ به برسات جو امڪان آهي. سرگودها، ميانوالي، بهکر ۽ ليه ۾ به تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي. 

موسميات کاتي موجب سنڌ، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوائون لڳڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات پوندي. لاهور ۾ تيز هوائن سان هلڪي برسات گرمي جو زور ٽوڙي ڇڏيو. رات دير جو تيز هوائن سان ٿيندڙ هلڪي برسات شهر جو موسم خوشگوار ڪري ڇڏيو. مال روڊ، لارنس روڊ، ڳڙهي شاهو، ڪينال روڊ  گلبرگ، جوهر ٽائون، ڌرم پوره سميت لاهور جي  ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات پئي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران خاص طور تي رات دير تائين برسات جاري رهڻ جو امڪان آهي. ٽريفڪ پوليس ۽ ريسڪيو طرفان شهرين کي غير ضروري سفر نه ڪرڻ ۽ محتاط ڊرائيونگ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔