12 نرسز هڪ ئي وقت ڳورهاريون؟ اتفاق يا معاملو ڪجه ٻيو آهي؟

نيو يارڪ: آمريڪي رياست ورجينيا جي هڪ اسپتال ۾ عجيب معاملو سامهون آيو آهي.
ريور سائيڊ ريجنل ميڊيڪل سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ 12 نرسز هڪ ئي وقت ڳورهاريون ٿي ويون.
انهن ۾ 10 رجسٽرڊ نرسز، هڪ پريڪٽيشنر نرس، هڪ يونٽ سيڪريٽري شامل آهي.
اتفاق سان انهن مان ٻن جي ڊليوري به ساڳي تاريخ تيٿي آهي.
گهڻو ڪري نرسز اسپتال جي ميٽرنٽي، ليبر ۽ ڊليوري ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪن ٿيون.
اسپتال ۾ هڪ ئي وقت ايڏي انگ ۾ عورت نرسز جي ڳورهاري ٿيڻ جو اهو معاملو انوکو ٻڌايو پيو وڃي.
ان کان اڳ آمريڪا جي شهر ميسوري ۾ 11 نرسز گڏ ڳورهاريون ٿيون هيون.
ميڊيڪل سينٽر جي ترجمان موجب اهو سال اسان لاءِ خوشين وارو سالآهي، تاريخي طور تي سڀ ملازم عورتون ڳورهاريون آهن.
نرسز جو ان حوالي سان چوڻ هو ته خوش آهن ۽ ساڻن اسپتال انتظاميا ڀرپور سهڪار ڪري رهي آهي ۽ وقفي وقفي سان ڪم ورتو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔