مسلم ليگ(ن) انٽرا پارٽي چونڊن جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: ملڪ ۾ عام چونڊن کان اڳ مسلم ليگ(ن) پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. مسلم ليگ(ن) جون پارٽي چونڊون 16 جون تي اسلام آباد ۾ ٿينديون.

مسلم ليگ(ن) جي عهديدارن جي چونڊ لاءِ چونڊ عمل جمعي تي ٻنپهرن جو اڍائي وڳي پارٽي سيڪريٽريٽ چڪ شهزاد ۾ ٿيندو نوازشريف لاڳيتو پارٽي اڳواڻ جي عهدي تي فائز رهندو.

ذريعن موجب پارٽي جو موجوده صدر وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ(ن) جو بنا مقابلي صدر  چونڊجي ويندو. جڏهن ته احسن اقبال جا هڪ دفعو ٻيهر سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي قائم رهڻ جا ڊگها امڪان آهن.

خواجه سعد رفيق ۽ سردار اياز صادق کي به پارٽي عهدا ملڻ جا ڊگها امڪان آهن. جڏهن ته مريم نواز چونڊ ۾ بنا مقابلي چيف آرگنائيزر ۽  سينئر نائب صدر چونڊجي ويندي.

حمزه شهباز کي به پارٽي جو سينئر نائب صدر بنائڻ جا امڪان آهن جڏهن ته شاهد خاقان عباسي کي پارٽي عهدو ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو اڃان تائين نه ٿي سگهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔