اسلام آباد: تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد جي آفيس ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب تحريڪ انصاف چيئرمين خلاف رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 23/255 ۾ جاچ ڪئي وئي ۽ کيس داخل ڪيل ايف آءِ آر پڙهي ٻڌائي وئي. جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي حساس اداري جي سينئر آفيسر جو نالو وٺي بي بنياد الزام لڳائڻ جا ڪلپ ڏيکاريا ويا. عمران خان جي آءِ ٽي جي سوال تي وڊيو ڪلپ جي ذميواري قبول ڪئي
تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته وڊيو ۾ لڳايل الزامن بابت مون وٽ ڪي به ثبوت نه آهن مون کي ڳجهي اداري جي سينئر آفيسر سڌو سنئون ڌمڪي نه ڏني آهي.
تحريڪ انصاف چيئرمين جي آءِ ٽي جي پڇڻ تي ٻڌايو ته ڪنهن جي ٻڌائڻ تي مون الزام لڳايا هئا. عمران خان جي آءِ ٽي کي ٻڌايو ته ڪنهن به الزام جو ڪوبه ثبوت يا شاهديون نه آهن. هن سوال جي جواب ۾ چيو ته ڳجهي اداري جي سربراهه جي پريس ڪانفرنس تي ان تي الزام لڳايا.
پي ٽي آءِ چيئرمين جي آءِ ٽي جي سوال تي چيو ته ڳجهي اداري جي سينئر آفيسر سان ڪڏهن به ملاقات نه ڪئي آهي.
عمران خان کان جي آءِ ٽي پڇيو ته ڊرٽي هيري ڪنهن کي چوندا آهيو؟ ان تي عمران خان ٻڌايو ته عسڪري ڳجهي اداري جي سينئر آفيسر کي ڊرٽي هيري چوندو آهيان. عمران خان جي آءِ ٽي کي چيو ته سمورن وڊيو ڪلپ جي ذميواري قبول ڪريان ٿو جنهن کان پوءِ جي آءِ ٽي اختيارين سمورن سوالن ۽ ان جي جوابن تي تحريڪ انصاف چيئرمين کان صحيحون ڪرايون.