ڪابينه سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو تائين ايڊهاڪ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جي خاص بجيٽ اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 35 سيڪڙو ايڊهاڪ واڌ جي منظوري ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جو به حتمي فيصلو ڪيو ويو.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين ڪابينه کي بجيٽ لي آئوٽ تي بريفنگ ڏني، ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 20 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف جي تجويز پيش ڪئي، وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت جي تجويز تي بحث کانپوءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 35 سيڪڙو تائين ايڊهاڪ واڌ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب گريڊ هڪ کان 16 تائين سرڪاري ملازمن لاءِ پگهار ۾ 35 سيڪڙو ايڊهاڪ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته گريڊ 17 کان مٿي جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينه گهٽ کان گهٽ پگهار 30 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته پينشنرز جي پينشن ۾ ساڍا 17 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔