اداڪارا ثنا فخر 14 ورهين کانپوءِ مڙس کان خلع وٺي ڇڏي

لاهور: پاڪستاني مشهور اداڪارا ثنا فخر پنهنجي مڙس فخر علي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا، هن مڙس کان الڳ ٿيڻ جو ڪجهه وقت اڳ ئي اعلان ڪيو هو

ٻڌايو پيو وڃي ته ثنا فخر کي پنهنجي مڙس فخر علي سان گڏ هلڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا آمهون سامهون ويهاريو به ويو پر ٻنهي ۾ ٺاهه نه ٿي سگهيو

ٽن مهينن تائين ڳالهيون ٿيڻ باوجود اداڪارا ثنا فخر خلع واري فيصلي تي قائم رهي، نيٺ مڙس کان ڌار ٿي وئي

ثنا فخر کي لاهور جي يونين ڪائونسل قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد خلع جو سرٽيفڪيٽ به جاري ڪري ڇڏيو آهي

ياد رهي ته 14 ورهين بعد ثنا ۽ فخر علي هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ جو ڪجهه مهينا اڳ فيصلو ڪيو هو جنهن تي قانون موجب عمل مڪمل ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔