معذور شاگرد سان گڏ سندس ڪتي به ڊپلوما جي ڊگري حاصل ڪري ورتي

نيوجرسي:آمريڪا جي شهر نيوجرسي جي سيٽن هال يونيورسٽي ۾ هڪ مددگارڪتي کي سندس مالڪاڻي سان گڏ ڊپلوما جي ڊگري ڏني وئي. ڪتي جي لاءِ خاص ڊوگي ڊپلوما جي نالي سان ڊگري تيار ڪئي وئي هئي.
اهو ڪتو وهيل چيئر تي ويٺل معذور پنهنجي مالڪياڻي گريس مارياني سان گڏ روزانو يونيورسٽي ايندو آهي ۽ پنهنجي مالڪياڻي جي مدد پڻ ڪندو آهي.
ڊگري جي تقسيم واري تقريب ۾ اسٽيج تي ڊگري حاصل ڪرڻ جي معذور شاگرد سان گڏ ڪتي کي به سڏيو ويو. ڪتي کي ڊگري ملڻ تي حال ۾ ويٺل ماڻهن تاڙيون وڄائي ڪتي کي داد پڻ ڏنو.
جسٽن نالي ڪتو حيرت انگيز طور تي خوش خوش اسٽيج تي آيو ۽ پڇ لوڏيندي ڊگري پنهنجي منهن ۾ وجهي حاصل ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔