اسد عمر جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد:اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسد عمر جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.
اسد عمر جي وڪيل جج راجا جواد عباس جي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جڏهن پرتشدد واقعا ٿيا ته اسد عمر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ موجود هو، واقعي واري ڏينهن اسد عمر جڊيشل ڪاملپيڪس آيو ئي نه هو.
جج پراسيڪيوٽر کان پڇيو ته ڪو اهڙو ڪيس ٻڌايو جتي دهشتگرد هٿيارن کانسواءِ آيا هجن، هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي جو دهشتگرد هٿين خالي آيو آهي.
پراسيڪيوٽر عدنان علي جواب ڏنو ته عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي مهم هلائي وئي.
اسد عمر جي وڪيل طنز ڪندي چيو ته پراسيڪيوشن دهشتگردن جو معيار ئي گهٽائي ڇڏيو آهي، عدالت اسد عمر جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، محفوظ ڪيل فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔