عورتن سان بدسلوڪي جون خبرون بي بنياد آهن: محسن نقوي

اسلام آباد: پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته خديجه شاهه پوليس جي حراست ۾ آهي، گرفتار ٿيل عورتن سان بدسلوڪي جون خبرون بي بنياد آهن.
پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 9 مئي تي 32 عورتون گرفتار ٿيون هيون، جن مان 11 جيل ۾ آهن، مائرن ۽ ڀينرن جو تحفظ منهنجي ذميواري آهي.
هن جو چوڻ هو ته خديجا شاهه پوليس جي حراست ۾ آهي، هوءَ جيل ۾ آهي ۽ سندس سڃاڻپ پريڊ ٿي رهي آهي، جناح هائوس تي حملي ۾ ملوث ڪير ڪيڏو به بااثر ڇو نه هجي، کيس بخش نه ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي ٽوئيٽر تي صارفين خديجه شاهه جي وڊيو شيئر ڪندي ٽوئيٽس ڪري رهيا آهن ته ڇا خديجه شاهه آزاد ٿي وئي آهي، پر پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جو ان تي چوڻ آهي ته خديجه شاهه اڃان جيل ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔