گيهه ۽ کاڄرو تيل سستو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: مهانگائي جو شڪار غريب عوام لاءِ خوشخبري آهي ته يوٽيلٽي اسٽورز تي گيهه ۽ تيل جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز جو گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل سستو ٿي ويو، اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب يوٽيلٽي اسٽورن تي ڪوڪنگ آئل جي اگهه ۾ 76 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه جي اگهه ۾ 69 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
اگهن ۾ گهٽتائي 26 مئي کان لاڳو ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔