ڊجيٽل آدمشماري جي مدي ۾ 30 مئي تائين واڌ

ڪراچي: صوبائي شماريات کاتي جي اختيارين کدڙن فقيرن سميت ڳڻپ کان رهجي ويل سمورن ماڻهن کي 30 مئي تائين لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن وٽ شناختي ڪارڊ سميت پهچي ڳڻپ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان ڏس ۾ سنڌ ۾ آدمشماري جي نتيجن تي کدڙن فقيرن سميت مختلف پارٽين پاران اعتراض وارڻ کانپوءِ شماريات کاتي جي اختيارين پاران 30 مئي تائين اسسٽنٽ ڪمشنرن جي آفيسن ۾ ڳڻپ وارو عمل جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان صوبائي سينسز ڪمشنر رفيق ٻرڙو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته کدڙن فقيرن پاران اسان وٽ پهچي خدشا ڏيکاريا، عام شهرين به ڳڻپ کان رهجي  وڃڻ جون شڪايتون ڪيون، هاڻ  ڳڻپ کان رهجي ويل شهري ۽ کدڙا فقير 30 مئي تائين لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس پهچي شناختي ڪارڊ ڏيکاري ڊجيٽل آدمشماري ۾ شامل ٿي سگھن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔