جوڙا آسمانن تي ٺهڻ بعد شاديون به آسمان تي ٿينديون

واشنگٽن: آمريڪا جي ڪمپني شادين جو نئون ٽرينڊ متعارف ڪرايو آهي جنهن تحت شاديون زمين تي نه پر زمين کان هڪ لک فٽ اوچائي تي ٿينديون

خلائي ڪمپني اسپيس پرسپيڪٽو شادي لاءِ اهو هنڌ متعارف ڪرايو آهي. ڪمپني شادي ڪندڙ جوڙن کي ڪاربن نيوٽرل ڦوڪڻي ۾ خلا ۾ اماڻيندي جنهن ۾ هو شادي ڪندا

ان ۾ دريون به آهن جنهن مان شادي شده جوڙو زمين جي بهترين نظارن مان لطف اندوز به ٿي سگهندو. ڦوڪڻو 6 ڪلاڪ اڏامندو. اڏام ۾ 8 مسافر ۽ هڪ پائلٽ جي جاءِ هوندي

ان اڏام ۾ مسافرن کي شاندار ڪاڪ ٽيل ۽ لذيذ کاڌا ملندا ۽ بهترين گانا به وڄايا ويندا. ان ۾ بيت الخلا ۽ واءِ فاءِ به هوندو جنهن سان جوڙو مائٽن ۽ دوستن سان رابطي ۾ به رهي سگهندو

ان اڏام جي هڪ مسافر جي ٽڪيٽ 3 ڪروڙ 40 لک رپين جي آهي. اهو پروگرام 2024ع ۾ شروع ڪرڻ جو امڪان آهي. اڳ ۾ ئي هڪ هزار ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔