عائشه گلالئي ۽ نور ولي مسلم ليگ(ق) ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر عائشه گلالئي ۽ قومي وطن پارٽي جي اڳواڻ نور ولي مسلم ليگ(ق) ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان چوڌري سرور چيو آهي ته ٻئي اڳواڻ خيبرپختونخواهه ۾ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

مسلم ليگ(ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين، چوڌري سرور، عائشه گلالئي، نور ولي ۽ ٻين لاهور ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.

چوڌري وجاهت حسين چيو ته عائشه گلالئي ۽ قومي وطن پارٽي جي نور ولي مسلم ليگ(ق) ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. چوڌري شجاعت سياست کي اڳيان کڻي هلندو.

چوڌري سرور ان موقعي تي چيو ته چوڌري شجاعت جي اڳواڻي ۾ مسلم ليگ(ق) ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن. 9 مئي تي ملڪي استحڪام کي خطري ۾ وڌو ويو، جنهن تي اسان ريليون ڪڍيون.

هن چيو ته عائشه گلالئي ۽ نور ولي خيبرپختونخواهه ۾ پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندا. عائشه گلالئي صحافين سان ڳالهين دوران چيو ته پاڪستان اسلام جو قلعو ۽ ان جي محافظ پاڪ فوج آهي. هر شهري پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. اسان تحريڪ انصاف ۾ ڪنهن شخصيت لاءِ نه پر روشن پاڪستان جي وزن لاءِ آيا آهيون. چوڌري شجاعت منهنجي لاءِ احترام جوڳو آهي. هن ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

ياد رهي ته عائشه گلالئي 2017 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کان ڌار ٿي وئي هئي هن پي ٽي آءِ چيئرمين تي الزام هنيا هئا جڏهن ته عائشه گلالئي پي ٽي آءِ گلالئي جي نالي سان پارٽي به ٺاهي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔