سنڌ جي گورنر عمران خان جي سياست تي تاحيات پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي سياست تي تاحيات پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري لاهور ۾ جناح هائوس جو دورو ڪيو. ان دوران صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته عمران خان ڪافي وقت کان معصوم ماڻهن کي ورغلائي رهيو هو. 9 مئي جي ڪاوڙ ان جي گرفتاري جي نه هئي. اها ٻاهرين ايجنڊا هئي، هي اهائي ڪاوڙ هئي جيڪا ڀارت جي اکين ۾ نظر ايندي هئي. ڪامران ٽيسوري چيو ته 9 مئي تي جناح هائوس ۾ مسجد سميت هر هڪ شيءَ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. شايد پي ٽي آءِ ۾ ڪو شهيد نه آهي. هن شهيدن جي يادگارن کي به نه ڇڏيو. ملوث ماڻهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. سنڌ جي گورنر عمران خان جي سياست تي تاحيات پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته چيف جسٽس پاڪستان ۽ ٻيا جج صاحبان پاڻ جناح هائوس ۽ شهيدن جي يادگار جو دورو ڪن. 9 مئي تي جناح هائوس ۾ فوج هئي پر ان صبر جو مظاهرو ڪيو. ٻئي صورت ۾ اهو تاثر وڃي ها ته ٻارن ۽ ٻارڙين تي گوليون هلايون ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔