تڪريم جو ڏهاڙو ، آرمي چيف جي جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري

راولپنڊي: شهيدن جي تڪريم جي ڏهاڙي تي مرڪزي تقريب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ڪوٺائي ويئي .

شهيدن جي تڪريم واري ڏهاڙي جي تقريب جو خاص مهمان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير هو ، جنهن جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري ، گل چاڙهيا ۽ فاتحا پڙهي .

تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي ، جنهن کانپوءِ قومي تراني جي ڌن وڄائي وئي . تقريب ۾ گڏيل فوج جي حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ آفيسرز شرڪت ڪئي .اڳوڻو آرمي چيف (ر) جنرل قمر جاويد باجوه،اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا ۽ ٻيا ريٽائرڊ آفيسر به تقريب ۾ شريڪ هئا .

روئيت هلال ڪاميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد، مفتي منيب الرحمان، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن به شهيدن جي تڪريم واري ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي .تقريب ۾ موجود شهيدن جي گهرڀاتين ۽ اسڪولن جي شاگردن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا .

ٻئي پاسي پاڪستان ائير فورس، پاڪستان نيول هيڊ ڪوارٽرز، فارميشن هيڊڪوارٽر ۽ پوليس  پاران به شهيدن جي يادگارن تي تقريبون ڪوٺايون ويون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔