سنڌ ۾ ميئر ۽ چيئرمين جي چونڊ 15 جون تي ٿيندي، شيڊول جاري

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن سنڌ جي مڪاني حڪومت ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين، وائيس چيئرمين جي چونڊ جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، ميونسپل ڪارپوريشن، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽيز، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ سيٽن ڀرڻ جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
لاڳاپيل ڪائونسلز، ڪميٽي، ڪارپوريشن جا ميمبر ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ڪندا، ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ نامزدگي ڪاغذ 9 کان 10 جون تي جمع ڪرايا ويندا.
ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 11 جون تي ٿيندي، اپيل 12 جون تائين داخل ڪرائي سگهبي، جڏهن ته ٽربيونل اپيل تي 13 جون تائين فيصلو ڪندا.
نامزدگي ڪاغذ 14 جون تائين واپس وٺي سگهبا، ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ 15 جون تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔