ملڪ ۾ سون هڪ ڀيرو وري مهانگو ٿي ويو

ڪراچي:ملڪ ۾ سون جو في تولو اڄ 600 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولو 600 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 37 هزار 800 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 514 رپيا واڌ بعد 2 لک 3 هزار 875 رپيا آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون في اونس 23 ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 1982 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔