چيف جسٽس خلاف ريفرنس آڻڻ جو فيصلو، قومي اسيمبلي ۾ رٿ منظور

اسلام آباد: پارليامينٽ چيف جسٽس پاڪستان خلاف ريفرنس آڻڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي خلاف ريفرنس کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ مختلف پارٽين جي ميمبرن کي شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪميٽي جي جوڙجڪ جو اختيار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڏنو ويندو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي عورت اسيمبلي ميمبر شازيه ثوٻيه سومرو چيف جسٽس خلاف ريفرنس آڻڻ جي لاءِ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

رٿ ۾ چيو ويو ته ريفرنس کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙي ويندي. ڪميٽي ۾ مختلف پارٽين جا ميمبر شامل هوندا جن ۾ محسن شاهنواز، خورشيد جوڻيجو، صلاح الدين ايوبي، شهناز بلوچ، صلاح الدين ۽ ٻيا ميمبر شامل آهن. رٿ ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي چيف جسٽس کان سواءِ ٻين ججز جي مس ڪنڊڪٽ تي به ريفرنس آڻڻ جو جائزو وٺندي

سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي دفاع واري وزير چيو ته پارليامينٽ چيف جسٽس جي مس ڪنڊڪٽ جو جائزو وٺي. آئين جي آرٽيڪل 209 جي تحت ججز خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويندو. خواجه آصف اهو به مطالبو ڪيو ته مخصوص ججز خلاف ريفرنس داخل ڪيو وڃي. سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي لاءِ ايوان جي ڪميٽي ٺاهي وڃي. وزيراعظم کان به درخواست آهي ته لکنوي انداز نه رکيو وڃي. اها زبان استعمال ڪئي وڃي جيڪا سڀني کي سمجهه ۾ اچي

دفاع واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ اها روايت هئي ته پرچا ليڪ ٿيندا هئا هاڻ ته فيصلا ٿي رهيا آهن. طارق رحيم  جيڪو آڊيو ۾ ٻڌايو انهي موجب فيصلو ٿيو. هنن عدل ۽ انصاف کي مذاق بنائي ڇڏيو آهي. اوهان هڪ ڏوهاري کي چئي رهيا آهيو ته(وش يو گڊ لڪ) اوهان انصاف ڪرڻ جي لاءِ ويٺل ماڻهن کي وش ڪرڻ يا تعويذ ڌاڳا ناهن ڏيڻا، پنهنجي ڪرسي کي ڪو ناٺي جي لاءِ ڪو سس ۽ ڪو چاچي، مامي جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. خواجه آصف چيو ته اوهان کي انصاف ڪرڻو آهي. انصاف ڪرڻ الله تعاليٰ جي خوبين مان وڏي شيءَ آهي اوهان عدل انصاف جو مذاق اڏائي رهيا آهيو.

هن چيو ته 3 ججز جو بينچ آهي انهن کان عدل، انصاف جي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي؟ ڇا  ٻيو ڪو جج نه آهي عدالت ۾ جيڪو ڪيسن کي ڏسي. صرف هي 3 ويٺل آهن. وقت اچي ويو آهي ته هن هائوس جي اختيارن کي استعمال ڪيو وڃي.

ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته چيف جسٽس جي خلاف ريفرنس اماڻڻ جي رٿ پيش ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته هاڻ سمورا ججز به ڏوهارين کي(وش يو گڊ لڪ) چون. ڇو ته پاڻ چيف جسٽس اهو معيار قائم ڪيو آهي. 60 ارب روپين جي ڪرپشن جو ڪيس آهي. اکيون بند ڪري ڪابه عدالت کيس ڪرپٽ قرار ڏيندي پر افسوس چيف جسٽس کي اها ڪرپشن نظر نه آئي.

مولانا اسد محمود چيو ته اسان اهڙي صورتحال کي جوڊيشل مارشل لا سان ڀيٽ ڏيون ٿا. قوم سان واعدو ڪريون ٿا ته اوهان جي هر حق جو تحفظ هي پارليامينٽ ڪندي. مان اهڙي نظام کي نٿو مڃان جيڪو اوهان جي ظلم ۽ جبر کي لاڳيتو برداشت ڪري رهيو آهي.

اسد محمود چيو ته 3 ججز مئل ماڻهو ۾ روح وڌي آهي. هنن کي جيڪڏهن سياست ۾ اچڻ جو شوق آهي ته اچن، سياسي ميدان ۾ سڀ ڪجهه چٽو ظاهر ٿي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔