سنڌي ڊرامن جي مشهور سينئر اداڪاره شبيران چنا لاڏاڻو ڪري وئي، ڪراچيءَ ۾ تدفين

ڪراچي: سنڌي ڊرامن جي مشهور ۽ سينئر اداڪاره شبيران چنا لاڏاڻو ڪري وئي. شبيران چنا پنهنجي ڌيءَ سان گڏ 24 اپريل تي نوابشاهه جي تعلقي قاضي احمد ويجهو روڊ حادثي دوران سخت زخمي ٿي پئي هئي.

شبيران چنا جنهن به ڊرامي ۾ ڪم ڪيو ان کي يادگار بڻائي ڇڏيو، خيران جي  سر جو خير هجي سميت سندس ڪيترائي ڊائلاگ ماڻهن کي زباني ياد ٿي ويا.  شبيران چنا جو مڙهه اڄ ڪورنگي جي علائقي بلاول ڪالوني ۾ جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو

ليجنڊ اداڪاره جي لاڏاڻي تي سندس مداحن ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي. هن ڪيترن ئي سنڌي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔