پي ڊي ايم جو ڌرڻو، ڪارڪن ريڊ زون ۾ داخل، سپريم ڪورٽ سامهون پهچي ويا

پي ڊي ايم قيادت جي سڏ تي سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ ڪارڪن ريڊ زون ۾ داخل ٿي ويا، جي يو آءِ جي انصار الاسلام ۽ ٻين جماعتن جا ڪارڪن شاهراهه دستور جي گيٽ ٽپي ريڊ زون ۾ داخل ٿيا، ڪارڪن هاڻ سپريم ڪورٽ سامهون پهچي ويا آهن

پوليس سيرينا چوڪ وارو بند پيل رستو کولي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ٻاهران ايف سي ۽ پوليس جا اضافي اٽالا مقرر ڪيا ويا آهن

سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن مان نڪتل قافلا به اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن،  فيض آباد وٽان سمورا قافلا مرڪزي قافلي ۾ شريڪ ٿي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندا

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم قيادت کي سپريم ڪورٽ جي انٽري پوائنٽ وٽ ڌرڻو نه هڻڻ لاءِ چيو ويو آهي، ڌرڻي جي اسٽيج اليڪشن ڪميشن ۽ وزيراعظم هائوس آڏو لڳائڻ تي ڪو به اعتراض نه هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔