ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت 17 عورتن جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن معطل

لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت 17 عورتن جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

جسٽس صفدر سليم شاهد شهري ذوالفقار جي درخواست تي ٻڌڻي هلائيندي حڪم جاري ڪيا

عدالت چيو ته ياسمين راشد ڪنهن ڪيس ۾ گهربل نه آهي ته کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي

گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عندليب عباس چيو هو ته ياسمين راشد کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي

2 ڏينهن اڳ ياسمين راشد جي مڙس ۽ ڏير کي به گرفتار ڪيو ويو هو

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔