اداڪارا شبيران چنا جو مڙهه بلال ڪالوني ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪراچي : ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويل سنڌ جي ليجنڊ اداڪارا شبيران چنا جو مڙهه بلال ڪالوني ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

شبيران چنا جي گلستان جوهر ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، منان عباسي، اسد قريشي، سهراب سومرو، علي گل ملاح ۽ ٻين فنڪارن توڙي شهرين شرڪت ڪئي

شبيران چنا قاضي احمد ويجهو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، شبيران چنا جنهن به ڊرامي ۾ ڪم ڪيو ان کي يادگار بڻائي ڇڏيو

 خيران جي سر ڏي خير هجي سميت سندس ڪيترائي ڊائلاگ ماڻهن کي برزبان ياد ٿي ويا، شبيران چنا ٽائيم نيوز جي ڪاميڊي سيريل “سمجهي ته ويا هوندئو” ۾ به مستانيءَ جو يادگار ڪردار ادا ڪيو

اداڪاره شبيران چنا جي وڇوڙي تي ڪلا کيتر توڙي سندس مداحن ۾ سوڳ جي لهر پکڙيل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔