فاطما ڀٽو جي نڪاح واري تقريب ۾ خاتونِ اول تهمينا دراني جي به شرڪت

ڪراچي: پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي ۽ ناليواري ليکڪا فاطما ڀٽو  جي نڪاح واري تقريب ۾ خاتونِ اول تهمينا دراني پڻ شرڪت ڪئي .

ڪراچي ۾ 70 ڪلفٽن تي فاطما ڀٽو جي سادگي سان ٿيل نڪاح واري تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ تهمينا دراني پنهنجي ٽوئيٽر تي اهڙي تصوير پڻ شيئر ڪئي آهي ته جنهن ۾ هوءَ گهوٽ جبران  ۽ ڪنوار فاطما ڀٽو کي لانئون ڏئي رهي آهي . پنهنجي ٽوئيٽ ۾ تهمينا دراني جو چوڻ هو ته فاطما ۽ جبران جي شادي پوري قوم لاءِ سادگي جو هڪ پيغام آهي ، هن چيو ته 70 ڪلفٽن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو  جي تاريخي لائيبريري ۾ قائم ڪيل ان مثال سان هڪ نئون رجحان پيدا ٿيڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔