قتل جي ڌمڪين تي ڊپ ٿيندو آهي: سلمان خان جو انڪشاف

ممبئي: بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سلمان خان انڪشاف ڪيو آهي ته مسلسل موت جي ڌمڪين سندس زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي.
سلمان خان کي لارنس بشنوئي گينگ طرفان موت جون ڪيتريون ئي ڌمڪيون مليون آهن ۽ ممبئي پوليس اداڪار کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي آهي.
تازو هڪ انٽرويو ۾ سلمان خان ڌمڪين تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو پاڻ به خطرن کان ڊڄي رهيو آهي ۽ هاڻي ان لاءِ موٽرسائيڪل سواري يا اڪيلو سفر ڪرڻ ناممڪن آهي.
سلمان خان جو چوڻ هو ته جڏهن مان ٽريفڪ ۾ هوندو آهيان ته پوءِ منهنجي سيڪيورٽي جو مسئلو هوندو آهي، سيڪيورٽي گاڏيون ٻين گاڏين لاءِ مسئلا پيدا ڪنديون آهن ۽ ماڻهو مون کي عجيب نظرن سان ڏسندا آهن.
اداڪار چيو ته سڪيورٽي جي حوالي سان مون کي جيڪو چيو وڃي ٿو ان تي عمل ڪريان ٿو ۽ تمام محتاط آهيان، مڪمل سيڪيورٽي سان هر هنڌ وڃان ٿو.
سلمان خان جو چوڻ هو ته جيڪو ٿيڻو آهي سو ضرور ٿيندو، کڻي مان ڪجهه به ڪريان، مون کي پنهنجي رب تي ڀروسو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔