جده : اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات، پاڪستان جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون
ذريعن موجب ملاقات ۾ مريم نواز به شرڪت ڪئي، جده جي شاهي محل ۾ ٿيل ملاقات ۾ پاڪستان جي معاملن ۽ انهن جي حل بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي
اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزير اعظم ملاقات ۾ سعودي ولي عهد کي پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت به تفصيلن کان آگاهه ڪيو