رڳو 4ڪلاڪ ڏيو ته اٽي جو اگهه 100 تائين آڻي ڏيکاريان: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته مون کي رڳو چار ڪلاڪ ڏيو ته مان اٽي جو اگهه 180 کان 100 تائين آڻي ڏيکاريان.
ڪامران ٽيسوري ڪراچي ۾ بفر زون بلاڪ 15 ۾ عوام سان سحري ڪرڻ پهتو، جتي ماڻهن ان سان گڏ تصويرون به ڪڍرايون.
ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو سنڌ حڪومت کي خط لکي پڇو ته روڊن جي اڏاوت لاءِ پئسو ڪنهن کي ڏنو ويو؟ روڊ ڇو نه ٺهيا؟
هن چيو ته هاڻ مون کي صوبي ۾ ڪم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، ڪراچي کي آءِ ٽي سٽي بڻائينداسين، ماڻهن کي ڪاروبار سيکارينداسين.
ڪامران ٽيسوري دعويٰ ڪئي ته مون کي رڳو 4 ڪلاڪ ڏيو ته مان اٽي جو اگهه 180 کان 100 تائين آڻي ڏيکاريان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔