بلوچستان ۾ زلزلي جا لوڏا، گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا دٻجي فوت

چمن: چمن، قلعه عبدالله ۽ پشين ضلعن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 3.6 رڪارڊ ڪئي وئي.
چمن جي علائقي بلالزئي ۾ زلزلي سبب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب دٻجي 3 ٻار فوت ٿي ويا آهن جن جا لاش ڪڍيا ويا آهن. فوت ٿي ويلن ۾ هڪ ڀاءُ ۽ 2 ڀينرون شامل آهن. جڏهن ته ملبي هيٺيان دٻجي عورت سميت 5 ٻار به زخمي ٿي پيا آهن.
بلوچستان جي وڏي وزير جي ترجمان ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته متاثر خاندان جي فوري طور تي مدد ڪئي ويندي.
ياد رهي ته زلزلي جا لوڏا گذريل رات چمن، قلعه عبدالله ۽ پشين ضلعن ۾ محسوس ڪيا ويا هئا. زلزلي جو مرڪز ڪوئٽه کان 50 ڪلو ميٽر اوڀر اولهه طرف هو.
زلزلي سبب متاثر علائقن ۾ ليويز فورس کي الرٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته برساتن سبب ڪچا گهر زبون حال هجڻ سبب شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. قدرتي آفت جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل ٻارن جون عمرون 8 کان 12 سال جي وچ ۾ ٻڌايون پيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔